سڪندر جي ڪاهه

سڪندر جي ڪاهه

سڪندر جي ڪاهه

سڪندر جي ڪاهه (ڪتاب): مشهور انگريزي ڪتاب ’ڪيمپئن آف اليگزينڊر‘ (The Campaign of Alexander) جو سنڌي ترجمو ’سڪندر جي ڪاهه‘ جي عنوان سان نامياري مترجم عطا محمد ڀنڀري ڪيو آهي. ايرينءَ جي هن ڪتاب کي تاريخي ڪارنامو سڏيو ويو آهي، ڇو ته سڪندراعظم تي کانئس وڌيڪ ڪنهن به نه لکيو آهي. هن ڪتاب تي جي. آر. هيملٽن (J.R. Hamilton) تفصيلي تعارف لکي، ڪتاب جي اهميت وڌائي ڇڏي آهي.
هي ڪتاب ستن بابن ۽ ڪيترن ضميمن تي مشتمل آهي. ڪتاب جو انتساب، مترجم، سنڌ ڌرتيءَ جي شهيدن- دودي سومري ۽ ننگر سومري جي نالي ڪيو آهي.
ڊيمي سائيز جي 385 صفحن ۽ پڪي جلد تي مشتمل هي ڪتاب روشني پبليڪيشن ڪنڊياري پاران ڇپايل آهي ۽ ڪتاب جي قيمت 225 روپيا آهي.


لفظ سڪندر جي ڪاههھيٺين داخلائن ۾ پڻ استعمال ٿيل آھي
هن صفحي کي شيئر ڪريو